ٽيڪراءِ جي ماڙي

ٽيڪراءِ جي ماڙي: ڪلهوڙن جي دور جو هي ماڳ تعلقي ڏيپلي جي ڪلوئي شهر جي اتر طرف هڪ ڀٽ جي پاساڙي تي ”ٽيڪراءِ جي ماڙي“ جي نالي سان موجود آهي. ٽيڪراءِ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي طرفان هن علائقي جو حاڪم مقرر ٿيل هو، جنهن غلام شاهه جي حڪم سان نهڙين جي سردار کان سڱ جي گهر ڪئي هئي. نتيجي ۾ نهڙين هن کي نه رڳو قتل ڪري ڇڏيو، پر سندس سپاهي ڀڄائي محل به ڊاهي ڇڏيو. انهيءَ جدوجهد ۾ رائچند نالي نهڙيو، ونڌير چارڻ کي ٽيڪراءِ جي سپاهين کان آزاد ڪرائي آيو، جنهن ڪري نهڙين کيس پنهنجو سردار ڪري چونڊيو. سندس اها سرداري اڃا تائين قائم آهي، سندس اولاد انهيءَ هنڌ کان چند ميلن تي کيتلاريءَ جي ڳوٺ ۾ آباد آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو